ابوبڪر خان مگسي

ابوبڪر خان مگسي

ابوبڪر خان مگسي

ابوبڪر خان مگسي: نامياري ليکڪ، صحافي ۽ مترجم ابوبڪر ولد مولوي عبدالرحيم مگسيءَ، 1920ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن مختلف اسڪولن مان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پوري ڪري، ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گرئجوئيشن ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جون ڊگريون حاصل ڪيون. ابوبڪر مگسيءَ ملازمت جي ابتدا استاد طور اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ڪئي. گورنمنٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ به استاد طور خدمتون سر انجام ڏنائين. بعد ۾ استعيفا ڏيئي عمرڪوٽ، سيوهڻ ۽ دادوءَ ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪندو رهيو. ان عرصي دوران دادوءَ مان هفتيوار اخبار ’قلندر‘ جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر پاڻ هو. هن عالمي تهذيبن، سياسي ۽ سماجي مضمونن جو گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترا مضمون ۽ ڪتاب لکيا. کيس سنڌي، سرائڪي، عربي، اردو ۽ انگريزيءَ تي عبور هو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:
(1) عربي (پاڪستان ڪي قومي زبانين: اردو) 1970ع. (2) ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست (فيڊرڪ اينگلس جي ڪتاب جو ترجمو: (1996ع). (3) تصوف '>اسلامي فلسفو ۽ تصوف (2001ع). ابوبڪر خان مگسيءَ 14 اپريل 1984ع تي وفات ڪئي.


لفظ ابوبڪر خان مگسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.04.14  عيسوي

ابوبڪر خان مگسيءَ 14 اپريل 1984ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ڀٽي
پريل دايو
دوست علي جيسر
اسلم خواجا
الياس شاڪر
پنهيار علي بخش اصغر
الهورايو بوزدار
سهيل سانگي
امام علي ڏيٿو
شيخ نظر محمد بسمل
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون